صابرا ذات

صابرا (ذات): سومرا قبيلي جي هڪ اهم شاخ. هن شاخ وارن جو وڏو ڏاڏو ‘خواڙ’ سومرن جي حاڪم ‘ڏونگر راءِ’ سان گڏجي ٿو. هي پاڻ کي سنڌ جا اصل باشندا ۽ سماٽ سڏائين ٿا. هيوز بلز موجب ‘صابرا’ راجپوت نسل مان آهن. هڪ روايت موجب صابرا مانڊڙن جو راڄ آهي ۽ انهن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون آهن. ڪي محقق هن شاخ وارن کي برفت لکن ٿا. هنن جا خاص پاڙا هي آهن، جن ۾: آري پوٽا، الياساڻي، جکري پوٽا، حسن پوٽا، ڳاڙهي پوٽا، مٽڪاڻي، موتي پوٽا، موندر پوٽا ۽ مهوميا. هن شاخ وارا لسٻيلي، سراوان، جهالاوان، ڪوهياري، باغبان، ڪراچي ۽ ٺٽي جي علائقن ۾ رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو